اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان م??جو?? آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ متبادل توانائي، صنعت، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرمني ج?? اين جي او گلوبل بريجز، برلن جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. ??فد ۾ گلوبل بريجز جو چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز هينس ايلبرت، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نڪولس البرچٽ ۽ جرمني سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻهو ۽ سيڙپڪار شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جرمني ج?? سفير الفريڊ گرينيس، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ لاڳاپيل اعليٰ ??رڪ??ري آفيسر پڻ م??جو?? هئا. ??فد پاڪستان جي ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ ۽ موسمياتي تبديلي ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ج?? حوالي سان دلچسپي ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان جرمني کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ج?? م??جو??ه سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان م??جو?? آهن، پاڪستان ۽ جرمني ج?? وچ ۾ صنعت، متبادل توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان مان ڪاربن اخراج جي شرح انتهائي گهٽ هجڻ جي با??جو?? اسان ماحولياتي تبديلي ج?? اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهيون، متبادل توانائي، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان جرمني ج?? تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي افرادي قوت کي معياري تربيت فراهم ڪري ا??هن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ٻاهرئين ملڪ به پنهنجو هنر ڏيکاري سگهن. وزيراعظم ملاقات ۾ ??فد سان جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ج??هن تي ??فد جا شرڪت ڪندڙ دنگ رهجي ويا ۽ وزيراعظم جي جرمن زبان تي عبور تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا. جرمن ??فد جي سربراهه وزيراعظم جي جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.