اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپ??ن ڪرنل شير خان شهيد جي 25 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڪيپ??ن ڪرنل شير خان شهيد ڪارگل جي محاذ تي بي مثال بهادري، جرئت ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو جنهن جي دشمن به تعريف ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. ڪيپ??ن ڪرنل شير خان شهيد وطن سان وفاداري، فرض شناسي ۽ وطن جي دفاع جي لاءِ جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ويڙهه جو اهڙو مثال قائم ڪيو جنهن کي رهندڙ دنيا تائين ياد رک??و ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪيپ??ن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) ۽ سندس گهرڀاتي سڄي قوم جي لاءِ قابل فخر آهن. پاڪستاني فوج ??ون ملڪ جي لاءِ دفاع جي خاطر لازوال قربانيون آهن. مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي جوانن جي ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم کي سلام پيش ڪري ٿي.