اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرو ارشد نديم کي پيرس اولمپ??س ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ارشد نديم پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيت مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستا??ي رانديگر ڪنهن کان گهٽ نه آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيرس اولمپ??س ۾ گولڊ ميڊل کٽي ??رشد نديم تاريخ لکي ڇڏي آهي، سندس ڪاميابي هر پاڪستاني نوجوان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن س??ن نوجوانن کي راندين جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ملندي. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي، توهان کي منهنجي پاران لکين مبارڪون هجن.