اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي دوري تي آيل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادساز?? جي قدمن تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سي??ري??ري جنرل سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايشيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاون تي ٻڌل ۽ پائيدار سلامت?? جي لاءِ سيڪا جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. هن تڪرارن جي روڪٿام، مقامي تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ سيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترق?? جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سيڪا جي سي??ري??ري جنرل پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب وزيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي موقف کان آگاهه ڪيو.