لاهور -25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪ پي ڊبليو ڊي جي خاتمي سبب فارغ ٿيندڙ مل??زم?? کي ڏني ويندڙ مالي پئڪيج انهن مل??زم?? تي هرگز لاڳو نه ٿيندو، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي حتمي مرحلي ۽ قانوني رخن جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي جي خاتمي سبب فارغ ٿيندڙ مل??زم?? کي ملندڙ پئڪيج انهن مل??زم?? لاءِ هرگز ناهي، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪ پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن جي صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن کي منتقلي جو حتمي لائحه عمل جلد کان جلد پيش ڪي?? وڃي. پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ بابت سموريون حتمي تجويزون ڪابينا سامهون پيش ڪي??ن وڃن. وزيراعظم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي گهٽ مدت وارن مل??زم?? ۾ محنتي ۽ ايماندار مل??زم?? کي ٻيهر روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ايج رليڪسيشن جي تجويز تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد چيمه، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، رٿابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ ورڪس وارو وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا.