اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات ??ي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير احمد بن علي الصيغ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو هن وقت برطانيا جي دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس موجب هن او آءِ سي سان لاڳاپيل معاملن سان گڏوگڏ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزير??عظ?? 13 سالن جي وقفي کان??وء?? ايندڙ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪ – يو اي اي گڏيل وزارتي ڪميشن جو 12 هون اجلاس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي.