اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته سياسي اختلاف جمهوريت جو حسن آهن، انهن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي ق??ر ۽ منزل کي وڌائڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه محمد آصف چي?? ته بلاول ڀٽو زرداري ??ي ڳالهين سان ڪنهن کي اختلاف نٿو ٿي سگهي، هائوس ۾ اسان جي وابستگي پارٽي سان ضرور آهي پر ايوان جون ذميواريون به اسان کي ادا ڪرڻيون آهن.سياسي اختلاف جمهوريت جو حسن آهي ۽ ان کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته ميثاق جمهوريت ذريعي پهريون ڀيرو ٻن پارٽين ان سوچ جو بنياد رکي?? ته اسان کي گڏجي پارلياماني جمهوريت جي حفاظت ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. ان سفر ۾ رڪاوٽ آئي پر ڪٿي به اهڙو وقت نه آيو. اسان 90 جي ڏهاڪي واري ??لخي طرف واپس نه وياسين، 2013ع ۾ جڏهن ڌرڻو هنيو وي?? ته اداري ??ي وقار ۽ سربلندي لاءِ سموريون پارٽيون متحد ٿي ويون، پارليامينٽ جي عمارت تي ق??ضو ٿيو، اسان پوئين دروازي مان هن عمارت ۾ داخل ٿيندا هئاسين. پ پ پ ان وقت ميثاق جمهوريت جي روح موجب عمل ڪيو. هن چي?? ته نواز شريف، زرداري ??احب، زرداري ??ي ڀيڻ ۽ آئون پاڻ جيل ويو آهيان، ڪنهن جو پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيو، اسان هائوس جي ق??ر ۽ منزل کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جمهوريت ۾ ايئن ٿيندو آهي، اسان جي جمهوريت اڃان تائين پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهي آهي. اسان کي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو پوندو ۽ ان جي ق??ر ۽ منزل کي وڌائڻو پوندو.هن چي?? ته اسان کي پروڊڪشن آرڊرز تي ڪو به اعتراض ناهي، جلسي ۾ جيڪا تقرير ٿي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جيڪا زبان استعمال ڪئي جيڪڏهن هو ائين نه ڪري ها ته اهو واقعو نه ٿئي ها. جيڪڏهن اهو ري ??يڪشن ۾ نه هجي ها ته مان ان جي مذمت ڪريان ها، اوهان جڏهن حدون ڪراس ڪريو ٿا، اوهان جڏهن وفاق، آئين کي چئلينج ۽ جمهوريت جي ق??رن کي ڪمزور ڪريو ٿا، جڏهن اوهان لشڪر ڪشي جي ڳالهه ڪريو ٿا ۽ نالو وٺي ڄڃ وٺي اچڻ جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اها جمهوريت ۽ آئين لاءِ خودڪشي جي برابر آهي، جلسي ۾ ڪيتريون ئي لائينون ڪراس ٿيون آهن، وفاق، آئين ۽ جمهوري ق??رن جي حدن کي پائمال ڪيو ويو. اسان جا اڳواڻ به گرفتار ٿيا آهن پر اسان ان کي اشو نه بڻايو، نظام کي برقرار رکڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار جاري ??کيو ۽ اسان اها ٻولي نه ڳالهائي جيڪا جلسي ۾ ڳالهائي وئي. عدالتن مان پنهنجي اڳواڻن کي آزاد ڪرائڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. جيڪڏهن اهو سلسلو رهي?? ته آئين ۽ ادارا مفلوج ٿي ويندا. سياست ۾ جيڪا تلخي آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. زرداري ??احب ڪنهن سزا کانسواءِ 11 سال جيل ۾ رهيو آهي، ٻئي طرف ڪيس موجود آهن انهن لاءِ آئين کي ڪمزور نه ڪيو وڃي ۽ ملڪي حدن کي ڪراس نه ڪيو وڃي. هن چي?? ته تلخين ۾ گهٽتائي ۽ هائوس جي بقاءَ لاءِ اسپيڪر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته مسئلا سراسري گهٽجي رهيا آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان اضافو ٿيو آه?? جنهن سان سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ تي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ايوان کي فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر کي رستو ڪڍڻ گهرجي.