اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو، مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان تمام گهڻن سوالن جنم ورتو. ڪنه?? پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر ٻيهر ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي ٿو؟ ڪنهن به اداري کي آئين جي من پسند تشريح جو حق حاصل نه آهي، آئين ۾ قانونسازي ۽ ترميمن جو اختيار رڳو پارليامينٽ وٽ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط جي حوالي سان حڪومت جو موقف عوام تائين پهچڻ گهرجي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سدائين اسپيڪر جي ڪرسيءَ سان انصاف ڪيو ۽ ايوان ۾ موجود سمورين سي??سي پارٽين سان سٺو رويو رکيو، سندس سدائين ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن به اسيمبلي ميمبر جي حق تلفي نه ٿئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي حوالي سان جڏهن قرارداد قومي اسيمبلي ۾ آندي وئي ته ان تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ نه رڳو انهن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا پر ميمبرن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي. هن چيو ته اسپيڪر جو ڪردار سدائي?? پارليامينٽ جي بالادستي ۽ پنهنجي ميمبرن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ تمام سٺو ره??و آهي ۽ سي??سي پارٽين سدائين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي فيصلن جي تائيد ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ اسپيڪر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لک??و آهي جيڪو پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته آئين ۾ پارليامينٽ کي قانونسازي جو اختيار ڏنو و??و آه??، اهو اختيار ڪنهن ٻئي اداري وٽ نه آهي، پارليامينٽ بالادست ادارو آهي. هن چيو ته عوام پنهنجي نمائندن کي چونڊي ايوان ۾ موڪلي ٿي ۽ انهن کي حق ڏي ٿي ته اهي پارليامينٽ ۾ قانونسازي ۽ آئين ۾ ترميمون ڪري سگهن. هن چيو ته جڏهن آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جو وارو آيو ته چيو ويو ته ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويندو پر ڳڻيو نه ويندو، ان جي ذريعي حمزه شهباز شريف جي پنجاب ۾ حڪومت کي ختم ڪيو ويو، ماڻهن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ ضمني چونڊون ڪرايون ويون. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي خط ۾ بلڪل صحيح چ??و آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع جنهن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ۾ اڳ کان اهو رول موجود هو ته آزاد اميدوار 48 ڪلاڪن جي اندر ڪنهن نه ڪنه?? پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪنه?? پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر ٻيهر ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي ٿو؟ هن چيو ته غلطي تحريڪ انصاف کان ٿي هئي، تحريڪ انصاف جي مبينا ميمبرن کي گهرجي ها ته اهي ڪنهن اهڙي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪن جنهن جو وجود پارليامينٽ ۾ موجود هجي پر انهن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جو ايوان ۾ وجود ئي نه هو ۽ پوءِ هڪ فيصلي جي ذريعي انهن کي اهو حق ڏنو ويو ته توهان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي وڃو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي خط ۾ لک??و آهي ته آزاد اميدوار مخصوص مدي جي اندر ڪنه?? پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن اهي ڪنهن سي??سي پارٽي ۾ شامل نه ٿا ٿين ته اهي آزاد ئي تصور ڪيا ويندا. هن چيو ته جن ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل جوائن ڪئ??، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انهن کي تحريڪ انصاف ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇا اها فلور ڪراسنگ نه آهي؟ وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح پنهنجي منشاءَ موجب ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ پارليامينٽ جي بالادستي تائين جو خيال نه ٿو ??کيو وڃي ۽ جڏهن مخصوص سيٽن جو فيصلو اچي ٿو ??ه ان ۾ آزاد اميدوارن کي چيو وڃي ٿو ??ه توهان تحريڪ انصاف جا ميمبر آهيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيڪي ماڻهو سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا انهن جا بيان حلفي رد ڪري انهن کي چيو ويو ته توهان تحريڪ انصاف جا ميمبر آهيو ۽ تحريڪ انصاف جوائن ڪرڻ جي لاءِ آزاد آهيو. وفاقي وزير چيو ته سردار اياز صادق پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ چ??و آهي ته ڪنهن اداري کي اهو حق حاصل نه آهي ته اهو آئين جي من پسند تشريح ڪري ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي ڪمزور ڪري. هن چيو ته عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن کي پارليامينٽ ۾ ان لاءِ موڪليو ته اهي قانونسازي ڪري سگهن، انهن کي ان حق کان ڪير به محروم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط بهتر قدم آه??، انشاءَ الله اسا?? پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.