نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل جي وڌندڙ جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري جنگبندي ۽ ٻه رياستي حل کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ??ه غزه ۾ تاريخ جو ??دترين ظلم جاري آهي، اسرائيل جو ??يروت تي فضائي حملو جنهن ۾ حزب الله جو هڪ سينيئر ڪماندڙ شهيد ٿي ويو، اهو دنيا جي لاءِ تباهي آڻيندڙ هو، اسان اسرائيلي ق??م جي مذ۾ت ڪريون ٿا ۽ عالمي سطح تي به اسرائيلي ظلمن جي مذمت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل جو ??يروت تي حملو پرامن دنيا جي لاءِ تباهي ثابت ٿيندو، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري جنگبندي ۽ ٻه رياستي حل کانسواءِ ڪو چارو نه آهي ۽ اسان فوري جنگبندي چاهيون ٿا.