اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اخبارن سميت ڄاڻ جا ??ري??ا معلومات جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري رهيا آهن، هي اهي ??ري??ا آهن جيڪي شهرين کي مستند ۽ اعتماد جوڳي معلومات پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪن ٿا. اربع ڏينهن اخبار پڙهڻ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز س??سائٽي، صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته درست ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرو?? معاشري ۾ سچائي، ام??، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪن ٿا. پارليامينٽ هميشه آزاد ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي. اخبارون ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ جعلي خبرن جي روڪٿام ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي جو هڪ اهم ??ري??و آهن. هن چيو ته اخبارون سياسي شعور ا??اگر ڪرڻ ۽ شهرين کي سندن بنيادي حقن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري رهيون آهن. اخباري صنعت جي ترقي ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ آل پاڪستان نيوز پيپرز س??سائٽي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجي ذميوارين کي آئين ۽ قانون موجب بهترين انداز ۾ ادا ڪريون.