لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني جبل چاڙهو سرباز خان کي دنيا جون سموريون بلند چوٽيون سر ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قوم کي سرباز خان جي شاندار ڪارنامي تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سرباز خان اهو پهريون پاڪستاني آهي جنهن دنيا جي سمورين 14 بلند چوٽين کي سر ڪيو آهي، اها ڪاميابي سخت مشڪل حالتن ۾ سرباز خان جي ڀرپور عز?? جو اظهار ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته هو سرباز خان کي ان تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي ٿو، سندس اهو ڪارنامو ن??ين نسل جي جبل چاڙهن لاءِ ترغيب آهي.