اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري پاڪ ??حر??ه کي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات جي خات??ي جي وڏي ۽ ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پاڪ ??حر??ه کي ساراهيندي چيو ته پاڪ ??حر??ه جي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري پيشي عنصرن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر عرب سمنڊ ۾ ڪمبائن?? ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪامياب آپريشن پاڪ ??حر??ه جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي عڪاس آهي. گڏيل آپريشن ۾ پاڪ ??حر??ه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ۽ پاڪستان مير?? ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي جهاز پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي ??حر??ه جي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پاڪ ??حر??ه جي هوائي جهازن پڻ مدد فراهم ڪئي. صدر پاڪستان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پاڪ ??حر??ه جي ڪردار کي ساراهيو.