اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آه??، ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوکائي لاءِ سازگار ماحول موجود آه??، حڪومت ملڪي گهرج پوري ڪرڻ ۽ قيمتي مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ڪرڻ لاءِ زيتون جي پيداوار تي ڌيان ڏئي رهي آه??. انهن خيالن جو ا??ها?? هن ال??رڪه پاڪستان اوليو سمٽ 2024ع ۾ خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به شعبي جي واڌ ويجهه لاءِ تحقيق وڏي اهميت رکي ٿي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ملڪ ۾ زرعي تحقيق جي شعبي کي ??هم ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان عالمي منڊي ۾ زيتون جي معياري مصنوعات جو روانگي واپار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان موقعي تي ال??رڪه پاڪستان اوليو سمٽ 2024ع پاڪستان جي زيتون جي صنعت کي ??ڳيان وڌائڻ لاءِ اهم قومي ۽ عالمي ماهرن، پاليسيون ٺاهيندڙن ۽ صنعت جي رهنمائن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. سمٽ ۾ زيتون جي شعبي جي هڪ محفوظ پائيدار ۽ روانگي واپار لاءِ تيار سپلاءِ چين جي ترقي جي موضوع تي زيتون جي عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستان کي هڪ اهم رانديگر طور به اڀرڻ وارين صلاحيتن تي به زور ڀريو ويو.