هنگري- 13 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سڄي دنيا کي ڊگهي تڪرار، اقتصادي عدم استحڪام ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينج درپيش آهن ۽ انهن چئلينجن سڄي دنيا ۾ اميگريشن جي وهڪري کي نئين شڪل ??ني آهي، انهن مسئلن سبب پيچيده چئلينجز جنم وٺي ره??ا آهن جنهن سان ڪو اڪيلو ملڪ مُنهن نٿو ڏئي سگهي، انهن چئليجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع عالمي حڪمت عملي جي سخت ضرورت آهي، صرف علامتي نه پر باقاعده اميگريشن جي بنيادي ڪارڻن جو حل ضروري آهي ۽ فوري جٽادار قدمن جو گهرجائو آهي، غير قانوني اميگريشن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ڪيترائي قانوني ۽ انتظامي قدم کن??ا آهن، پاڪستان پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ڏوهارين خلاف اثرائتي طريقي سان قانون مطابق ڪارروائي ڪرڻ لاءِ بااختيار بنايو آهي. هو هنگري ۾ بڊاپسٽ پراسيس جي ستين وزارتي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. بڊاپسٽ پراسيس جي ستين وزارتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چي?? ته 2019ع ۾ رٿيل آخري وزارتي ڪانفرنس کان پوءِ ڪيتريون اهم اڳڀرايون ٿي چڪيون آهن، اڄ اسان تمام گهڻا اهم مسئلا درپيش آهن. هن واضح ڪي?? ته انساني اسمگلنگ سان ڳنڍڻ خطرن جي باري ۾ عوامي آگاهي وڌائڻ، سرحدي ڪنٽرول کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقي ۽ عالمي سهڪار کي وڌائڻ تي ڌيان ڏئي ره??ا آهيون. قانوني اميگريشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن سان ٻه طرفن معاهدن ۽ ٽيلنٽ پارٽنرشپ کي وڌائڻ لاءِ بهتر طريقي سان ڪم ڪري ره??ا آهيون. هن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چي?? ته تازين برساتن ۾ سڄي دنيا ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي جذبن ۾ پريشاني ڏسڻ ۾ آئي، ان رجحان سبب هڪ نئون چئلينج آڏو آيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته بڊاپسٽ جي اعلان کي اختيار ڪرڻ سان هڪ متوازن نقطه نظر لاءِ هڪ نئين جدت پيدا ٿيندي پر ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته مستقبل ۾ اميگريشن جي ڪنهن هڪ رُخ کي ٻئي تي ترجيح نه ??ني وڃي. هن چي?? ته اسان بڊاپسٽ پراسيس سان هڪ تعميري ۽ گڏيل طور تي فائديمند سهڪار لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير چي?? ته ان انتهائي اهم اجلاس کي خطاب مون لاءِ اعزاز آهي، ان اجلاس جو رٿجڻ تي شريڪ ميزبان ترڪيه ۽ هنگري کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چي?? ته بڊاپسٽ جي خوبصورت ۽ تاريخي شهر ۾ شاندار آجيان تي هنگري حڪومت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ بابت عالمي سينٽر کي ان اجلاس جي رٿجڻ لاءِ ڀرپور ڪوششن تي به مبارڪون پيش ڪريان ٿو.