اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان قاز??ست??ن جي نائب پرڏيهي وزير علي بيڪ باڪاييو ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن ??ي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ صنعتي ۽ زرعي شعبن ۾ تعاون تي تفصيلي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ قاز??ست??ن وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيون ٿا، ٻنهي ط??فا?? صنعتي ۽ زرعي سهڪار تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قاز??ست??ن جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته قاز??ست??ن پاڪستان جي زرعي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته قاز??ست??ن سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا.