اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) پي ٽي اي ج?? چيئرمي?? ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ٽڪ ٽاڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي ج??هن جي اڳواڻي مسٽر ايمير گلين هيڊ آف گلوبل پبلڪ پاليسي (ميٽا پي ايس اي) ڪئي. ملاقات ۾ ڊجيٽل انگيجمنٽ، مواد جو تحفظ ۽ آن لائن تحفظ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاران ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب وفد ۾ فهد خان نيازي، سدره جليل، ايلنگا ايمپينا ۽ صهيب خان شامل هئا. وفد طر??ان ”يوٿ سيفٽي سمٽ“ جو جائزو به ورتو ويو. جنهن جي بندوبست جو مقصد نوجوانن، خاص ڪري ٻارن جي آن لائن تحفظ کي هٿي ڏيڻ آهي، ٻنهي ڌرين طر??ان آگاهي مهم، اسڪولن ۾ تربيتي پروگرامز ۽ هڪ محفوظ ۽ جامع ڊجيٽل ماحول کي عملي طور يقيني بڻائڻ لاءِ تربيتي پروگرامز جي اهميت تي زور ڀريو ويو.