اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پ?? پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته خصوصي ماڻھن جو عالمي ڏھاڙو ياد ڏ??اري ٿو ته معذور ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق انھن خيالن جو اظھار ھن خصوصي ماڻھن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پ??ھنجي پ??غام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اھو ڏينھن ياد ڏ??اري ٿو ته خصوصي ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي، ملڪ ۾ خصوصي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ جامع پاليسيون بڻايون ويون آھن ۽ ان تي عمل به ڪيو پيو وڃي ته جيئن اھي ماڻھو به ھڪ باعزت ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگھن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته خصوصي ماڻھن کي ھمٿائڻ، انھن جي قابليت کي قبول ڪرڻ ۽ انھن لاءِ وسيلا ۽ موقعا فراھم ڪرڻ ھڪ مضبوط ۽ ترقي يافته قوم جي نشاني آھي. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي ان ذميواري کي بھتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.