اسلام آباد-03 ڊس??بر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته گذريل ڏينهن 3 ڊسمبر تا??ين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ حج درخواستون جمع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائين سبب ڀل?? پار ويندڙن جي درخواست تي درخواستن تي وصوليءَ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڀل?? پار ويندڙن کي خوشخبري ڏني آهي ته 3 ڊسمبر تا??ين حج درخواستون جمع ڪرائيندڙ سمورن اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول ٿيل درخواستون به ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪي?? ۾ ??رخواستون هاڻ 10 ڊسمبر تا??ين نامزد بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبيون، ڪوٽا کان وڌيڪ درخواستو?? وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻا ڪڍيا ويندا. هن چيو ته سمن?? پار پاڪستاني 10 ڊسمبر تا??ين اسپانسرشپ جي رقم لازمي جمع ڪرائين، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول درخواستگذارن کي بنا ڪُڻن جي ڪامياب قرار ڏنو ويندو. وزارت جي ويب سائٽ تي آن لائن پورٽل ذريعي گهر ويٺي حج درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ڀل?? پار ويندڙ کي نين هدايتن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.