اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون اتر وزيرستان ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي جن??ن ۾ 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن ڪاررواين ۾ 13 خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪ??دي انهن جو بهادري سان مقابلو ڪ??دي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي ميجر محمد اويس کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد ميجر اويس جي درجن جي بل??دي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتي?? سان تعزيت جو اظهار ڪ??دي چيو ته پوري قوم شهيد ميجر اويس کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.