اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر ??يو آهي ته نياڻين جي تعليم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ ش??ول??ت کي يقيني بڻائڻو پوندو. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نياڻين جي تعليم جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي هن ??يو ته اسان کي نياڻين جي تعليم لاءِ معاشري روين کي چئيلنج ڪرڻو پوندو. ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر ??يو ته تعليم ۽ معاشرتي روين جي چئيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عورتن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ ش??ول??ت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن ??يو ته نياڻين جي تعليم لاءِ چئيلنجز تمام گهڻا آهن پر ان سان گڏوگڏ موقعا به بي شمار آهن. هن ??يو ته نياڻين جي تعليم کي قومي بجيٽ ۽ پاليسي جو لازمي حصو بڻايو وڃي. هن ??يو ته هو اهڙي ??عاشري ۾ وڌي ويجهي آهي جتي صنفي فرق عام هو، نياڻين جي تعليم کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، تعليم منهنجي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هن ??يو ته مان اڄ هن مقام تي آهيان جتي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آهيان ۽ نوڪري دو??ان اهڙا علائقا به ڏٺا جتي گرلز اسڪول تباهه ٿي چڪا هئا ۽ نياڻين کي زبردستي تعليم کان محروم ڪيو ويو هو. نگار جوهر ??يو ته مان انهن بهادر نياڻين کي به ڏٺو جيڪي تعليم جي حق لاءِ اٿي بيٺيون ۽ جدوجهد ڪئي. هن ??يو ته هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان نياڻين کي صحت جا به تمام گهڻا مسئلا آهن، هڪ صحتمند معاشري ۾ پڙهيل لکيل صحتمند عورت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.