اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل چيو آ??ي ته مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني سان عالمي سطح تي هڪ ??هم پيغام ويندو ته مسلمان دنيا ڇوڪرين جي تعليم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ جي وز??را??ظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان اچڻ تي سندس آجيان ڪندي وز??را??ظم اسلام آباد ۾ 11 ۽ 12 جنوري تي مسلمان ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان حصيداري جي پائيداري ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اها ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان ان ??هم موضوع بابت عالمي سطح تي هڪ ??هم پيغام ويندو ته مسلمان دنيا ڇوڪرين جي تعليم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وز??را??ظم مسلم ورلڊ ليگ جي مقصدن ۽ هدفن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل جي مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي وز??را??ظم عالمي سطح تي اسلام جي حقيقي تشخص کي فروغ ڏيڻ، مسلمان دنيا جي گڏيل مقصدن جي وڪالت نيز مذهبن، عقيدن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام ۽ تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۾ تنظيم جي تعاون کي ساراهيو. وز??را??ظم مسلم ورلڊ ليگ جي مقصدن ۽ هدفن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان ۾ سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جي فيصلي تي ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته مسلمان دنيا جو هي ??هم منصوبو جلد پڄاڻي تي پهچندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل منصوبن جي جلد تڪميل خاص طور تي سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو. سيڪريٽري جنرل مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس جي شاندار انتظامن ۽ ان سلسلي ۾ مسلم ورلڊ ليگ سان تعاون تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ مسلمان امت جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي عالمي سطح تي مسلمان دنيا جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ وز??را??ظم کي ٻڌايو ته هن ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان متفقه ”اسلام آباد ڊڪليئريشن“ جاري ڪيو ويندو جيڪو عورتن جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته هن ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان پنهنجي شعبن جا ناليوارا مختلف مڪتبه فڪر جا عالم، اسڪالرز ۽ تعليمي ماهر حصو وٺي رهيا آهن، هي ڪانفرنس عورتن جي تعليم ۽ اسلامو فوبيا جهڙن ??هم موضوعن بابت غلط فهميون ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وز??را??ظم ملاقات ۾ پاڪستان جي سعودي عرب سان پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي خادم الحرمين شريفين سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وز??را??ظم محمد بن سلمان آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وز??را??ظم وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهائيندي اسرائيل پاران معصوم فلسطينين تي جاري ظلمن جي مذمت ڪئي ۽ صورتحال جي بهتري جي لاءِ عالمي دنيا جي موثر ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، خاص معاون سيد طارق فاطمي، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.