ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان انفرادي ۽ اداراجاتي سطح تي فلاحي ڪم?? جي حوالي سان عالمي برادري ۾ هڪ ??نفرد مقام رکي ٿو، پاڪستاني سرزمين تي لکين افغان پناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان نوازي جو ثبوت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ڪم??ونٽي پارٽنرز انٽرنيشنل (سي پي آئي) ۽ شائن هيومينٽي جي فلاحي سرگرمين جي حوالي سان بريفنگ اجلاس ??ور??ن ڪيو. صدر ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ 100 آڪسيجن ڪنسنٽريٽرز عطيو ڪرڻ تي سي پي آئي ۽ شائن هيومينٽي کي ساراهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان حڪومت جي وقت سر ۽ منصفاني فيصلن جي ڪري ڪوويڊ 19 وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن و??يڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت وقت سر ڪوويڊ 19 وبائي بيماري جي شدت کي محسوس ڪيو ۽ معاشي بدحالي کان بچ?? جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو. هن اين جي اوز ۽ هيلٿ ورڪرز تي زور ڏنو ته اهي هيپاٽائيٽس ۽ ٽي بي جهڙين بيمارين کان بچاءُ طرف پڻ ڌيان ڏين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پي آئي جي نمائندي انم اشرف علي ۽ شائن هيومينٽي جي چيئرمين علي نقوي جو نيڪ مقصد ۾ حصو وجهڻ تي ٿورو مڃيو.