اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاق?? وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪرفيو لاڳو ڪري پوري معاشري کي مفلوج بڻائي ڇڏيو، هن معصوم ڪشميرين تي پنهنجا وحشياڻا ظلم جاري رکيا آهن. ڪاري ڏين??ن جي موقعي تي پنهنجي بيان ?? هن چيو ته 26 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي ايجنڊا تي عملدرآمد شروع ڪيو ۽ اڄ 27 آڪٽوبر 2019ع تي 72 سالن کانپوءِ به ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ 84 ڏينهن کان ڪرفيو لاڳو آهي.