اس??ام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان لاهور واقعي تي 24 ڪلاڪن ۾ ذميدارن جي تعين سان گڏوگڏ حقيقتن تي ٻڌل رپور?? طلب ڪئي آهي، ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف، وڪيلن سميت ڪو به طاقتور ذميدار قرا?? ڏنو ويو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هو اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.