اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي دستيابي تي خاص نظر رکي وڃ?? ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃ?? ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دالين، چانور، گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ضرورت جي بنيادي شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ڪئي وڃ?? جيڪا خوراڪ جي حوالي سان صورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي چئلينج جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ کن??ل قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توانائي ۽ خاص طور تي هن مشڪل صورتحال ۾ غربت جو شڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان کن??ل قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي.