اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي رليف پئڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي لاءِ اعلان ڪيل 50 ارب رپ??ن جي منظوري سميت وڌيڪ 6 ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڇهن ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم ت?? عملدرآمد ڪندڙ ايجنس??ن جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي لاءِ 84 ڪروڙ 20 لک رپيا، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي لاءِ 90.459 مل??ن رپيا ۽ پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 مل??ن رپ??ن جي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 مل??ن رپ??ن جي ضمني گرانٽس سان دفاع واري وزارت هيلي ڪاپٽر جي مرمت لاءِ وڌيڪ پرزا خريد ڪندي.