اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ مصنوعي ذه??نت جي ڪري سافٽ ويئر روانگي واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان مون کي ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي جي حوالي سان هڪ ٽاسڪ فور?? قائم ڪئي آهي جنهن جو آئون چيئرمين آهيان. هن چيو ته مصنوعي ذه??نت سميت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ گهري دلچسپي رکان ٿو. مصنوعي ذه??نت با??ت خاص قدم کڻي رهيا آهيون.