لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين را??د، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ۽ سينيئر آفيسرن وزيراعظم عمران خان جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ا??لاس دوران وزيراعظم عمران خان کي پنجاب ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ڪيل صحت جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صحت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان جلد معياري پڄاڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي ??را??مي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تحت عوام کي انشورنس جي ڪامياب ??را??مي تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ت?? ماضي ۾ صحت جي شعبي کي فنڊز ??را??م نه ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو عام ماڻهو ڀوڳي ر??يو آهي.