اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪ – سعودي لاڳاپا سدائين وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهن، اسان تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان ۾ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل اسلامي قدر رکندڙ آهن، پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جو تعلق هڪ دلين جو رشتو آهي. اطلاعا?? واري وزير چيو ته پاڪس??ان جي عوام خادمين الحرمين الشريفين جو بي حد احترام ڪري ٿي، هن چيو ته اسان شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع کي ساراهيون ٿا، اهو موجوده دور جي ??هرجن سان هم آهنگ آهي.