اسلام آباد – 15 س??پٽ??بر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪٽوريل ايڪٽ ۾ ترميم، شڪي لائسنس رکندڙ وڌيڪ 22 پائليٽس ??ا لائسنس رد، ايٽي مليريئل ڊرگ ۽ حفاظتي لباس برآمد ڪرڻ، انفلوئنزا، ڪينسر سميت زندگي بچائيندڙ مختلف 250 دوائن جي ريٽيل پرائسنگ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا ماڊل جيل جي قيام جي لاءِ گرين ايرياز ت?? جيل جي دياور ۽ عمارت جي تعمير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هداايت ڪئي ته گرين ايرياز ت?? ڪيل تعميرات فوري طور تي ڊاهيون وڃن ۽ گرين ايرياز بحال ڪيا وڃن، گرين ايرياز ت?? اڏاوتن جي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ مستحق خاندانن کي احساس پروگرام جي ذريعي مدد فراهم ڪئي وڃي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا شڪي لائسنس رکندڙ پائليٽس ??ي خلاف جاري ڪارروائي ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ??ئي وئي.