اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??وٽروي ريسٽ اي??ياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ اي??ياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ريسٽ اي??ياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ اي??ياز تي ڏينهن ۽ ??ات باقاعدگي سان ??اپ?? هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ اي??ياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ اي??ياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن.