اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي منصوبن ۾ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌ??دڙ شهري آبادي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي ته شهرن جا ماسٽر پلان نئين سر جوڙيا وڃن. اهڙن خ??الن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊسٽرل ميپنگ (زمين جي پئماش) جي حوالي سان بريف ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ ميپنگ جو عمل جاري آهي، ان کانسواءِ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي جي علائقن جو ڊيٽا ملي چڪو آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ??يو ??ڃي، ان عمل سان زمين جي اصل ملڪيت جي تعين جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جو خاتمو ٿيندو ۽ به??ر منصوبابندي ۾ مدد ملندي، ٻيلا، واپڊا، ريلوي، اوقاف ۽ ٻين سرڪاري زمينن جي حدن جو تعين ٿي سگهندو، ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڪري ناجائز قبضا ڇڏرائڻ، ملڪيت تڪرار ختم ڪرڻ ۽ قانوني ڪيس جلد اڪلائڻ، پراڻي رڪارڊ ۾ غلطيون ختم ڪرڻ ۽ آڊٽ ۾ مدد ملندي.