سيالڪوٽ – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي ??اءِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ شفافيت آڻيندڙ وزيراعظم جي خلاف سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊسڪه مان اميدوار علي اسجد ملهي اليڪشن کٽي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها فوري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري، ڊسڪه جي عوام نواز شريف جي بيانيي، ڌوئنس، پئسي جي سياست کي سدائين جي ??اءِ دفن ڪري ڇڏيو ??هي، (ن) ليگي قيادت جي ??ڪ مهيني جون ڳالهيون ٻڌو ته ان ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جو اظ??ار ڪيو ??هي ته اسان اليڪشن بندوق سان کٽينداسين. هو ڊسڪه ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ??ڏي وزير جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، عثمان ڊار ۽ علي اسجد ملهي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽر شبلي فراز وزيرن سان گڏ پي ٽي آءِ جي ??وت ٿيندڙ ڪارڪنن جي ??ونئيرن سان تعزيت جو اظ??ار ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??ه وزيراعظم عمران خان جي ??دايت تي اسان هتي آيا آهيون، سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظ??ار ڪرڻ جي ??اءِ آيا آهيون. هن چيو ??ه پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ڌوئنس، پئسي، غنڊه گردي، قتل غارت جي سياست ڪئي آهي، هن اليڪشن ۾ به انهن پنهنجي اسپيشلسٽ ماڻهن جن ۾ راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف ?? ٻين کي ڊسڪه انهي مقصد جي ??اءِ موڪليو ??هي. هن چيو ??ه اڄ ڊسڪه ۾ تقرير ۾ واڳون وارا ڳوڙها وهندي ڏسي ماڊل ٽائون واقعو ياد اچي ويو ??نهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي گوليون هلايون ويون، ماڊل ٽائون تي حملو راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ڪيو ويو ??هي، اليڪشن کي آلوده ۽ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ??اءِ اهي قدم کنيا ويا. هن چيو ??ه ايتري ڪاوڙ ۽ دهشتگردي ان لاءِ آهي ته نواز شريف جي بيانيي کي شڪست ٿي رهي آهي، وزيرآباد جي اليڪشن، 2018ع جي اليڪشن جي ??تيجن سميت هر اليڪشن ۾ هزارين ووٽن جو فرق آهي. هن چيو ??ه ڊسڪه ۾ (ن) ليگ 40 هزار جي ??يڊ کنئي هئي ۽ اڄ اليڪشن هارائي رهيا آهن، انهن جي ??يرن هيٺان زمين نڪري رهي آهي. هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان جو بيانيو، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو انهن کي ڊپ آهي، پي ٽي آءِ ائين ئي کٽيندي رهي ته انهن جي سياسي هڪ هٺي جو خاتمو ٿيندو.