اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ 6 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پائيدار ??رقي حاصل ڪرڻ لاءِ علائقائي تعاون اڻٽر آهي، اسان کي پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ، اقتصادي اثاثن ۽ سياسي رابطن مان فائدو کڻڻو پوندو، ڪورونا جهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ صحت واري شعبي کي وڌيڪ ترقي ڏيڻي پوندي، سي پيڪ ذريعي افغانستان سميت وچ اوڀر تائين پهچ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي رابطن سان واپار ??ي فروغ ۾ مدد ملندي، ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ عالمي سطح تي ويڪسين جي هڪجهڙي فراهمي ضروري آهي، افغان امن عمل خطي جي پائيدار ??رقي ۾ مددگار ??ابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ي سي او جي 14 هين سربراهه ??جلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي اقتصادي تعاون تنظيم جي 14 هين سربراهه ??جلاس جي لاءِ صدارت جي ڪرسي سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته اي سي او جو ايندڙ اجلاس ترڪمانستان ۾ ٿيندو. وزيراعظم صدر الهام عليوف کي به آذربائيجان جي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي به مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري اي سي او جا ميمبر ملڪ صحت ۽ معيشت جي شعبي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر ??ديد متاثر ٿيا آهن. مجموعي طور تي 15 ڪروڙ ماڻهن کي ان وبا پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو ۽ 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا، دنيا کي ڪورونا جي ڪري مختلف قسمن جا چئلينج درپيش آهن، اسرندڙ ملڪ ان وبا جي ڪري شديد متاثر ٿيا آهن ۽ اسان جي معيشت کي نقصان پهتو آهي، واپار ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ غربت وڌي آهي، هن چيو ته اي سي او سربراهه ??جلاس جو مقصد علائقائي اقتصادي ترقي جي حوالي سان لائحه عمل تي غور ڪرڻ آهي، ڪورونا جي ڪري ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي نقصانن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ اڃان باقي آهي، پاڪستان اهو سمجهندو آهي ته اسان کي پنهنجي عوام کي ڪورونا جو نشانو بڻجڻ ۽ بک ??ان بچائڻو پوندو ۽ پنهنجي عوام کي هڪ طرف بک ۽ ٻي طرف موت کان بچائڻ لاءِ قدم اڻٽر آهن. هن چيو ته معاشي مشڪلاتن جي باوجود اسان جي حڪومت غير معمولي قدم کنيا، ان کانسواءِ معيشت جي استحڪام، ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ روزگار کي برقرار ??کڻ لاءِ معاشري جي غريب ماڻهن ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ احساس پروگرام تحت 8 ارب ڊالرن جي روڪ مالي مدد ۽ سبسڊيز فراهم ڪئي آهي.