اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جمعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ آزاد ميمبرن جي ڀرپور حمايت سان کٽيندي، پي ڊي ايم جهڙي طرح پهرئين مرحلي ۾ ناڪامين ۽ مايوسين جي ور ??ڙهي انهي طرح ٻيهر ٻڙي کان شروع ٿيندڙ تحريڪ به ناڪام رهندي، جيڪڏهن پي ڊي ايم لانگ مارچ قانون جي دائري ۾ هوندو ته انهن کي نه روڪينداسين، 22 ڪروڙ عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڪرپشن کي تحفظ نه پر ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ رستن تي ايندي آهي، مريم نواز جي بيان مان ثابت ٿي چڪو آهي ته هو اڄ جمعي تي ٿيندڙ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن هارائي چڪا آهن، وزيراعظم عمران خان ڪور ??ميٽي اجلاس ۾ پارٽي کي ٻيهر فعال ۽ منظم ڪرڻ جون هد??يتون ڏنيون آهن، حڪومت جي ڪارڪردگي کي بهتر انداز اسان اج??گر ڪيو ويندو. هو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪور ??ميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ??ميٽي جي اجلاس ۾ مختلف معاملن ۽ تجويزن تي غور ??يو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پارٽي جي عهديدارن کي هد??يتون ڏنيون ته پارٽي کي هيٺين سطح تائين فعال ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ پارٽي جي ڪارڪنن کان روزاني جي بنياد تي ملاقاتون ڪيون وڃن. ان حوالي سان پارٽي جي عهديدارن کي مختلف ذميداريون سونپيون ويون آهن. هن چيو ته پارٽي جي ڪور ??ميٽي جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪوم?? ۽ ??وبا ڊولپمينٽ ۽ معيشت جي شعبي ۾ ترقي، اداره جاتي سڌارن، وزارتن جي ڪارڪردگي کان قوم کي آگاهه ڪن ان حوالي سان باقاعده حڪمت عملي جي ذر??عي اڳتي وڌن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان اڄوڪي اليڪشن جي لاءِ بلڪل تيار، اتحادي پارٽين ۽ آزاد ميمبرن سان گڏجي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو اليڪشن کٽينداسين.