اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري عوامي جمهوريه ??ين جي 72 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ??ين سان پنهنجي سدا بهار منفرد دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي فخر آهي.
ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي جمهوريه ??ين جو 1949ع ۾ قيام هڪ تاريخي قدم هو جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ ??ين جي عوام جي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو، چيني عوام جي ان جدوجهد سڄي دنيا ۾ عوام کي سامراجيت جي خلاف جدوجهد ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، هن چيو ته ??ين 1949ع کانپوءِ زندگي جي ??ر شعبي ۾ واکاڻ جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن چيو ته ??ين صرف 40 سالن جي ٿوري عرصي ۾ غربت جي خاتمي، ٽيڪنالاجي، خلابازي، طب ۽ ٻين شعبن ۾ ??ين راهن کي روشناس ڪرايو، هن وڌيڪ چيو ته ??ين جي پيداوار ۾ تيز ترين اضافو، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي،
اسپيڪر چيو ته ??ين جي ترقي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي ب?? لوث قيادت ۽ چيني عوام جي اڻٿڪ محنت جي ڪري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??ين جي دوستي ۽ گڏيل اعتماد، احترام، هم آهنگي ۽ گڏيل مفادن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رستو هر آزمائش تي پورو لٿو آهي ۽ ٻنهي دوست ملڪن علائقائي ۽ عالمي فارمز تي هڪ ٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان کي ??ين سان پنهنجي لازوال دوستي تي فخر آهي جيڪا گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستاني ۽ چيني قوم هڪٻئي جي لاءِ ڀائيچاري، همدردي ۽ محبت جو جذبو رکندي آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ب??ٺل آهي،
هن چيو ته سي پيڪ جهڙي گيم چينجر منصوبي جي تڪميل سان خطي جي تقدير تبديل ٿي ويندي ۽ پاڪ ??ين لاڳاپان جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي، هن عالمي جمهوريه ??ين جي قيام جي 72 هين سالگرهه تي چيني عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪئي.