اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان پنهجي لاڳاپن کي اعليٰ ترجيح ڏئي ٿو. گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن اها ڳالهه ايوان صدر ?? لارڊ واجد سان ملاقات دوران ڪئي. صدر ان کي پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن جي ڪري ڪووڊ – 19 وبائي مرض کي ڪا??يا??ي سان قابو ڪيو ويو، هن گذريل 20 سالن دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪا??يا??ي تي به روشني وڌي. افغانستان جي صورتحال جي باري ۾ خيالن جي مٽاسٽا ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي آهي، ۽ 12 هزار کان وڌيڪ افغان ۽ غير ملڪي شهرين جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان تقريبن 40 لک افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي ان کانسواءِ هو افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ به پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، صدر عارف علوي لارڊ واجد کي هائوس آف لارڊ تائين ترقي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪا??يا??ي برطانيه جي عوام ۽ قيادت پاران ان جي ويزن جي احترام جي عڪاسي ڪري ٿي. صدر ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ خدشن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لارڊ واجد جي ڪوششن کي ساراهيو. هن عالمي برا??ري تي زور ڏنو ته هو ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه ماڻهن جي خلاف جاري دهشتگرداڻي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ان جي ڪڌي عمل جو جوابده بڻائي، لارڊ واجد خان پاڪستان کي ڪووڊ 19 جي وبا کي ڪا??يا?? طريقي سان منهن ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي.