اسلام آباد / پشاور – 04 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪ??مت جي ڪامياب جوان پروگرام ۽ انصاف روزگار اسڪيم جهڙين قرض اسڪيمن سان عوام خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن کي فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، صوبائي حڪ??متون چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان گڏجي نوجوانن ۾ حڪ??مت جي قرض اسڪيمن با??ت شعور اجاگر ڪن ته جيئن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه حڪ??مت جي ڪارڪردگي با??ت بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن ۽ خيبرپختونخواهه حڪ??مت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ صوبن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي ترقي سان صوبي جي ماڻهن جي ترقي ۽ مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ??م ٿيل ضلعن ۾ تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان ماڻهن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري سگهبو، تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان اڳوڻي فاٽا ضلعن ۾ عدليه تي با?? گهٽ ڪرڻ ۾ مددملندي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه حڪ??مت اڳوڻي فاٽا جي نئين ??م ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اڳوڻي فاٽا ضلعن جو خيبرپختونخواهه ۾ انتظامي انضمام مڪمل ٿي چڪو آهي، ??م ٿيل ضلعن جي لاءِ 491 ارب رپيا ماليت جا 901 منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ??م ٿيل ضلعن ۾ تعليم، صحت، رستن، توانائي ۽ انتظامي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن تي اڳڀرائي با??ت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ کي?? آگاهه ڪيو ويو ته صوبي ۾ جاري سمورا ترقياتي منصوبا مقرر وقت موجب مڪمل ٿي ويندا. صدر خيبرپختونخواهه حڪ??مت جي ٽي سالا ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ??م ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حل لاءِ مشاورتي سيشن باقاعده منعقد ڪرڻ تي صوبائي حڪ??مت کي ساراهيو. هن معياري صحت سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جي سهولت ??م ٿيل ضلعن تائين وڌائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.