لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ جعلي پوليس م??ابلا شهباز شريف جي دور ۾ ٿيا، 5 هزار 500 ماڻهو عدالت کان مٿانهن پوليس م??ابلن ۾ قتل ٿيا، ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ ماڻهو شهباز شريف جي دور ۾ عدالت کان مٿانهن قتل جو ??ڪار ٿيا، 1991ع کان 1999ع تائين هڪ هزار 858 پوليس م??ابلن ۾ 1294 ماڻهو قتل ٿيا، 1997ع کان 1999ع تائين 771 ڏوهارين کي جعلي پوليس م??ابلن ۾ ماريو ويو، پرويز مشرف جي حڪومت ايندي ئي اهي جعلي پوليس م??ابلا بند ٿيا، سال 2000ع ۾ صرف 135 پوليس م??ابلا ٿيا، احمد فراز پنهنجي ڪتاب ۾ انهن واقعن جو ??فصيل سان ذڪر ڪيو آهي، جڊيشل ريفارمز لاءِ ججن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، صحافين کي هڪ هفتي جي اندر صحت ڪارڊ جي سهولت ڏني وڃي. لاهور پريس ڪلب ۾ احمد فراز جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته روزاني پاڪستان ۽ جنگ ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي، صحافين سان سدائين رابطو رهيو آهي، هن ٻڌايو ته نارٿ انڊيا ۾ اخباري صنعت جو ??غاز لاهور کان ٿيو، لاهور ۾ ميڊيا جو ميوزيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته لاهور کان ڪهڙي طرح صحافت جي سفر جو ??غاز ٿيو، هن چيو ته احمد فراز جو پنهنجي ڪتاب اسد شاهي جي نالي ڪرڻ خوش آئنده آهي، اسد شاهي سا?? منهنجا ويجها لاڳاپا هئا، ڪرائيم رپورٽنگ ۾ هن زبردست ڪم ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرمنل جسٽس سسٽم سان ڳنڍيل ماڻهن کي احمد فراز جو ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي، ڪتاب ۾ تمام اهم انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن، ڪتاب ۾ 1990ع کانپوءِ پوليس نظام ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين جو ??ه ذڪر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته 1867ع ۾ انگريزن پوليس جو ??يڪو نظام ٺاهيو اهو تباهه ڪيو ويو، ٿاڻيدار ۽ ايس ايڇ اوز جي حيثيت ئي ختم ڪئي وئي، ان نظام کي ٻيهر کان شروع ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ ان جو ڪو به حل نه آهي. هن احمد فراز جي ڪتاب جو ??والو ڏيندي ٻڌايو ته ساڍا پنج هزار ماڻهو عدالت کان مٿانهون قتل ٿيا، 2 ڀاڱي 3 کان وڌيڪ ماڻهو شهباز شريف جي دور ۾ عدالت کان مٿانهن قتل جا شڪار ٿيا، 1991ع کان 1999ع تائين هڪ هزار 858 پوليس م??ابلن ۾ 1294 ماڻهو قتل ٿيا، 1997ع کان 1999ع تائين 771 ڏوهارين کي جعلي پوليس م??ابلن ۾ ماريو ويو، پرويز مشرف جي حڪومت ايندي ئي اهي جعلي پوليس م??ابلا بند ٿيا، سال 2000ع ۾ صرف 135 پوليس م??ابلا ٿيا، ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو ??ه ذڪر آهي ته اڳوڻي سنڌ جي آءِ جي رانا مقبول پنهنجي مقرري دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي مبينه مقابلن ۾ مارايو، احمد فراز پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته پوليس پرائيويٽ ماڻهن کان پئسا وٺي مخالفن کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو، شهباز شريف جي سرپرستي انهن کي حاصل هئي، اهڙي طرح ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ خرابيون پيدا ٿيون، شاگر اڳواڻ رانا ضياءُ کي راوي درياءِ جي ويجهو جعلي مقابلي ۾ ماري جعلي مقابلن جو ??نياد رکيو ويو، اهڙي طرح اشرف عرف اڇو ۽ رشيد عرف شيدو ۽ بالا گاڏي جهڙن ماڻهن کي جيلن مان ڪڍي پوليس م??ابلن ۾ ماريو ويو، جڏهن شهباز شريف وڏو وزير بڻيو، هن پوليس کي دهشتگردي، اغوا ۽ ٻين ڏوهن کي روڪڻ لاءِ پوليس م??ابلن لاءِ هٿ ڇوٽ ڏني، ان جي نتيجي ۾ سوين پوليس م??ابلا ٿيا، سبزازار پوليس م??ابلو 27 اپريل 1998ع تي ٿيو، اهو مشهور پوليس م??ابلو هو، پنج ماڻهو عبدالرئوف، وسيم، طاهر، رياض ۽ عابد چوڌري کي جعلي پوليس م??ابلن ۾ ماريو ويو. انهن ماڻهن کي به ٿاڻن مان ڪڍي ماريو ويو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته احمد فراز پنهنجي ڪتاب ۾ انهن پوليس م??ابلن جو ??فصيل سان ذڪر ڪيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته بدقسمتي سان پوليس ريفارمز ۽ جڊيشل ريفارمز نه هجڻ جي ڪري خرابيون پيدا ٿيون. پوليس پراسيڪيوشن عدليه ۽ جيلن جا ريفارمز نه ٿيندا ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ ريفارمز نٿا ٿي سگهن، هن چيو ته عدليه ۽ پوليس جي حوالي سان ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي چيف جسٽس ۽ آءِ جيز کي گڏجي ويهڻ گهرجي، جيستائين جج ان ۾ هٿ نه وجهندا ريفارمز نٿا ٿي سگهن، سينئر ججن کي ان جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل کي ان تي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، عدليه ۽ سينئر پوليس آفيسرن کي به پنهنجي ڳڻتي جو ??ظهار ڪرڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم لاهور ۾ هڪ وڏي پروگرام جو ??علان ڪرڻ وڃي رهيو آهي، پنجاب ۾ سڀني ماڻهن کي 10 لک روپين تائين هيلٿ انشورنس دستياب هوندي، 50 هزار کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي 30 سيڪڙو تائين راشن تي رعايت ملندي، هن چيو ته صحافين کي هڪ هفتي ۾ هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين، اهڙي طرح ڪئميرا مينن ۽ ميڊيا ورڪرز کي جنهن جا پگهار 50 هزار کان گهٽ آهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، هن چيو ته باقي منصوبن کي 3 مهينا لڳي ويندا، پر صحافين کي اها سهولت هڪ هفتي اندر فراهم ڪري ڇڏينداسين.