اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان وچ ايشيا ويزن تحت وچ ايشيائي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن ترڪمانستان جي پنهنجي هم منصب راشد ميرودوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي ??رڏ??هي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??رڏ??هي وزير او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي ترڪمانستان جي ??رڏ??هي وزير جا ٿورا مڃيا. ??رڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪمانستان وچ ايشيا جو اهم ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. ترڪمانستان جي عوام ۽ قيادت کي مستقل غيرجانبداري جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اسان وچ ايشيا ويزن تحت وچ ايشيائي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ترڪمانستان جي ??رڏ??هي وزي?? پرخلوص ميزباني تي ??رڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.