ملتان – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??و آءِ سي جي ڪامياب اجلاس جي انعقاد تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي ساراهيو پيو وڃي، پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائنسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، گذريل حڪومتي دور ۾ پر??يه?? وزير جي مقرري نه ڪري پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪ??شش ڪئي وئي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جو وقار بلند ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه جي اهتمام هيٺ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. پر??يه?? وزير چيو ته پاڪستان جي شروع کان خواهش آهي ته ??طي ۾ امن، خوشحالي ۽ افغانستان ۾ ترقي ٿئي ڇو ته افغانستان ۾ خوشحالي ايندي ته ??طي ۾ به امن ٿيندو، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سڀ کان اهم مسئلو افغانستان جي 38 ملين عوام کي بک ?? غربت کان بچائڻ آهي ۽ پاڪستان ان مسئلي تي اڳرائي ڪري ورتي ۽ افغانستان جي مسئلي تي دنيا کي جاڳائڻ جي ڪ??شش ڪئي، هن چيو ته ??ب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو آهي ۽ آئون ان تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ??ئون اين اي 156 جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن جو چونڊيل نمائندو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو ڀرپور ڪيس وڙهي رهيو آهي ۽ آئون اها خاطري ڪرايان ٿو ته پنهنجي ووٽرن ۽ قوم کي مايوس نه ڪندس، اسان سچي نيت سان ملڪي ترقي ۽ پاڪستان جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. معاشي سفارتڪاري تي به ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ??حريڪ انصاف جي حڪومت عوامي امنگن موجب پر??يه?? پاليسي جوڙي آهي جنهن ۾ سڀني ملڪن سان برابري جي سطح تي رابطن کي قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ پرعزم آهي. ان کان پوءِ پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه، ملڪ عثمان ڀٽه ۽ ٻين ساٿين سان گڏ او آءِ سي اجلاس جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد تي ڪ??ڪ ڪٽيو، ان کان اڳ هن ملتان ۾ مملڪتي وزير ملڪ عامر ڊوگر، بئريسٽر عثمان ڊوگر، ملڪ عدنان ڊوگر جي والده مرحومه جي رسم قل خواني ۾ شرڪت ڪئي.