اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي لا??ِ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻو پوندو، 22 ڪروڙ آبادي کي رسمي معيش?? جو حصو بڻائي اثاثو بڻائي سگهجي ٿو، سمنڊ پار پاڪستانين جي لا??ِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين، جيڪي ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين انهن تائين پهچنداسين، حڪومت مشڪل ??قت ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سڌوسنئون مدد ڪندي، هيٺئين طبقي جون حالتون بهتر ٿينديون، اها ئي اصل ڪاميابي هوندي، پوري دنيا ۾ غربت وڌي پر پاڪستان ۾ گهٽ ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي پهرين ڊيجيٽل پيمنٽ سسٽم ”راست“ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 22 ڪروڙ جي آبادي کي جيڪڏهن ??سا?? رسمي معيش?? جو حصو بڻائي ڇڏيون ته ان کي هڪ اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جيڪا جدت اچي رهي آهي ان مان فائدو نه کڻنداسين ته اهي 22 ڪروڙ ماڻهو بار بڻجي ويندا. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو بئنڪ ۾ ويندي ڊڄندو آهي. بئنڪن ۾ به سوٽ پاتل ۽ انگريزي ڳالهائيندڙن کي اهميت ڏني وڃي ٿي. ”راست“ سان عام ماڻهو کي سهولت ملندي. هن چيو ته هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ ئي حڪومت جي اصل ڪاميابي آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ??سا?? جي حڪومت آئي ته اهو صوبو دهشتگردي جو شڪار هو. 500 کان 700 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا هئا. ان صوبي ۾ ??سا?? جيڪي قدم کنيا انهن جي ڪري خيبرپختونخواهه جي عوام جيڪا ٻيون ڀيرو ڪنهن کي موقعو نه ٿي ڏي ??سا?? کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ٻيهر چونڊيو. ان جو سبب اهو هو ته گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي موجب خيبرپختونخواهه ۾ غربت سڀ کان وڌيڪ تيزي سان گهٽ ٿي هئي، ان لا??ِ اتان جي عوام ??سا?? کي ٻيهر چونڊيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي پڄاڻي تائين ??سا?? جي ڪاميابي جو پئمانو اهو هوندو ته ملڪ ۾ غربت گهٽ ٿي يا نه ۽ خوشحالي جو ثمر هيٺ تائين پهتو يا نه. وزيراعظم چيو ته ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ غربت وڌي پر پاڪستان ۾ ان ۾ گهڻي قدر گهٽتائي آئي. هن چيو ته پورهيت ۽ عام طبقي جي ماڻهن وٽ بئنڪن ۾ وڃڻ جو وقت ناهي هوندو. ”راست“ سان عام ماڻهو کي پنهنجي موبائيل فون ذريعي به بئنڪنگ جي سهولت حاصل ٿي ويندي ۽ سيونگ بهتر ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو گهٽ آهي، ان سلسلي ۾ قدم کنيا پيا وڃن. ايف بي آر ۾ به ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪنداسين. 22 ڪروڙ جي آبادي ۾ رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا. اهڙا ماڻهو به آهن جن جو لا??يف اسٽائيل تمام سٺو آهي ۽ گهرن ۾ گاڏيون بيٺل آهن پر هڪ رپيو ٽيڪس نه ٿا ڏين. هاڻي ??سا?? ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي انهن تائين به پهچنداسين ۽ انهن کان به ٽيڪس وٺنداسين. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي لا??ِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وينديون ۽ انهن جي شڪايتن جي ازالي لا??ِ سيل قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ??سا?? جو تمام وڏو اثاثو آهن. پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ انهن جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي. انهن جي لا??ِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وينديون. هيٺئين طبقي جون حالتون بهتر ڪنداسين. احساس راشن پروگرام شروع ڪيو آهي. عام ماڻهو جي مشڪل ??قت ۾ سڌوسنئون مدد ڪئي ويندي ۽ پئسو سڌوسنئون ڏنو ويندو. ان سلسلي ۾ ”راست“ مان به فائدو کنيو ويندو. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بئنڪنگ سيڪٽر تمام ترقي ڪري چڪو آهي. هڪ زماني ۾ رقم جي منتقلي ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا هئا پر ”راست“ جي ذريعي هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿيندو. بئنڪنگ جي شعبي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي. ان سان اي ڪامرس ۾ به اضافو ٿيندو ۽ نه رڳو ماڻهن جي وچ ۾ پر ڪاروباري ۽ واپاري ڏيتي ليتي جي لا??ِ پڻ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ”راست“ کي استعمال ۾ آندو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي سان بئنڪنگ شعبي کي تمام گهڻو فائدو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم بئنڪنگ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي سدائين هدايت ڪئي آهي. بئنڪون هاڻي عام شهرين کي به قرض فراهم ڪري رهيون آهن. ”راست“ ڊيجيٽل ادائيگي ۾ انقلاب آڻيندو. هن چيو ته راست جا چار خصوصي جز آهن، ان جي ذريعي فوري ادائيگيون ٿينديون. راست ڪيش ادائيگي جي ابتڙ فوري ڊيجيٽل ادائيگي ممڪن بڻائي ٿو. راست مڪمل طور تي مفت خدمت آهي، ان ۾ ڪي به لڪل چارجز نه آهن. راست جي لا??ِ موبائيل ذريعي رجسٽريشن ٿئي ٿي ۽ هاڻي ايپ، انٽرنيٽ بئنڪنگ جي چينلز جي ذريعي ان تائين پهچ ممڪن آهي. راست کي ڪنهن به بئنڪ جي اڪائونٽ سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت بئنڪن مان 131 ارب رپيا قرض جي منظوري ڏني وئي آهي. پاڪستان ۾ ڊيجيٽل بئنڪ قائم ڪرڻ جي لا??ِ فريم ور?? جوڙيو ويو آهي. ڊيجيٽل بئنڪ گهٽ فيس سان وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ نادرا سان گڏجي اڪائونٽ کولڻ جي لا??ِ بائيو ميٽرڪ جي سهولت پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪي بئنڪاري جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي لا??ِ خصوصي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ 500 ارب ڊالر اي بئنڪنگ ذريعي منتقل ٿيا. اها شرح جي ڊي پي کان به وڌيڪ آهي. اي بئنڪنگ ڏيتي ليتي ۾ هر سال 30 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت 10 ڪروڙ شهرين وٽ موبائيل فون آهي پر اهي بئنڪنگ جي سهولت مان فائدو نه کڻي رهيا آهن. ڪجهه هفتن ۾ سموريون بئنڪون ”راست“ سان ڳنڍجي وينديون.