اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزيوئيف وزيراعظم ع??ران خان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سڀاڻي خميس ڏينهن پاڪستان پهچندو. ازبڪ صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا ميمبر، اعليٰ سرڪاري آفيسر، ڪاروباري ۽ ميڊيا ميمبر شامل هوندا. 2016ع ۾ صد??رت?? عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ازبڪ صدر مرزيوئيف جو پاڪستان جو هي پهريون دورو هوندو. ازبڪ صدر اهڙي وقت ۾ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سف??رت?? لاڳاپا قائم ڪرڻ جا 30 سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران پاڪ ازبڪ اڳواڻ سياسي، واپاري، اقتصادي را??طن?? تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. ان کانسواءِ ٻئي اڳواڻ اهم ع??ائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪندا. وزيراعظم ع??ران خان ازبڪستان جي صدر سان ون آن ون ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ميڊيا اسٽيڪ آئوٽ ٿيندو. وزيراعظم ازبڪ صدر جي مان ۾ هڪ مانجهاندو پڻ ڏيندو. ازبڪ صدر مرزيوئيف ۽ صدر عارف علوي جي وچ ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي ڌريون سياسي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا وڌائڻ، تيزي سان وڌندڙ واپار، ٽرانزٽ ۽ اقتصادي لاڳاپن، رابطن ۾ اضافي، تعليمي ۽ ثقافتي تعاون جو فروغ، پاڪستان ۽ ازبڪستان ۽ افغانستان کي ڳنڍيندڙ ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ جا معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين جي وچ ۾ پڻ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ازبڪ صدر جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ 2 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ گڏيل وز??رت?? ڪميشن جو 7 هون اجلاس ۽ ٻيو جوائنٽ بزنس فورم منعقد ٿيندو. پاڪستان ”ويزن سينٽرل ايشيا“ فريم ورڪ تحت وچ ايشيائي ملڪن سان پنهنجي رابطن کي وڌايو آهي. ان ويزن ۾ سياسي?? سف??رت??، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ را??طن?? سلامتي ۽ دفاع جا شعبا شامل آهن.