اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) توانائي وا??ي مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گڏيل قومن جي خصو??ي نمائندي کي لکيل خط کي ”اسان کي بچايو اپيل“ قرار ڏ??و آهي. ان حوالي سان ردعمل ڏيندي ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته اهو خط نه ”اسان کي بچايو“ جي اپيل آهي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ طرف تحريڪ انصاف آمريڪا تي ٻاهرئين ملڪ سازش جي ڳالهه ڪ??ي رهي آهي ۽ ٻئي طرف گڏيل قومن کي رحم جي اپيل ڪري رهي آهي. هن پڇيو ته اها ڪهڙي سازش آهي؟ هن چيو ته هڪ طرف آزادي جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ ٻئي طرف سياست چمڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ خط لکي رهيا آهن. هن چيو ته ٻين تي فتويٰ ڏيڻ وا??ا پي ٽي آءِ ليڊر ڪهڙي منهن سان گڏيل قومن کي عرضيون لکي رهيا آهن؟.