اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي ٽن ڏينهن وار?? اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري موجب پرڏي??ي وزير ک?? اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عالمي اقتصادي فورم جي صدر ڏني آهي، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي، پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري 23 کان 26 مئي تائين ڊيووس ۾ فورم جي ساليان?? اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏي??ي وزير ۽ مملڪتي وزير ٻئي حاضر عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي عالمي اقتصادي فورم جي ڪيترن ئي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. پرڏي??ي وزير اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جي معاشي ۽ سماجي اثرن سان گڏوگڏ ڪورونا وب??، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جي باي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندا، بلاول ڀٽو زرداري ساليان?? اجلاس ۾ شرڪت پنهنجي هم منصبن سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو، ورلڊ اڪنامڪ فورم هر سال سياسي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي نمائندن، سول سوسائيٽي ۽ سڄي دنيا کان نوجوانن جي نمائندگي کي گڏ ڪري ٿو ته جيئن معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي چئلينجن تي ضابطو آڻن لاءِ راهن جي نشاندهي ڪري سگهجي.