لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن، پ??ٽر??ل جي قيمت ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نو??ز شريف ايٽمي ڌماڪن جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته موجوده حالتن ۾ غريب خاندان رلي ويا آهن، هڪ وقت ج?? ماني، علاج لاءِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهب??ز شريف چي?? ته پيڙهيل ماڻهن لاءِ 28 ارب روپين جي فنڊز جو پيڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت غريب گهراڻن کي 2 هزار روپيا ماهوار ڏنا ويندا، وزيراعظم چي?? ته اسان جي اولين ترجيح معيشت ج?? بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي جنهن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ايٽمي ڌماڪن جي وقت اڳوڻي وزيراعظم نو??ز شريف کي هر قسم جي لالچ ڏني وئي، پر هو نه ته ڪنهن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمريڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چي?? ته توهان 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري رهيا آهيو ان تي توهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، مون کي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏينداسين.