انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو آهي ته ايندڙ ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪيو وڃي، حڪومت هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ترڪي جي يونين آف چيمبرز اينڊ ڪموڊٽي ايڪسچينجز (ٽي او بي بي) جي اهتمام هيٺ تقريب ۾ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو هُو پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي حصيداري وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪ?? جي ڪاورباري برادري آئنده ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪري، ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت هر ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم جي آجيان ڪندي يونين آف چيمبرز جي صدر رفعت حسارسڪ ليوگلو ترڪي جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن پاران پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ۽ مشڪل وقت ۾ ٻنهي قومن جو هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي رورايتن کي اجاگر ??يو?? وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوا?? جي زبردست قيادت ۾ ترڪ جي غير معمولي ترقي کي ساراهيو، هن پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ??يو?? هن چيو ته سندس دوري جو مقصد ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ خاص ط??ر تي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپ?? جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم ترڪي جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ??يو?? هن ان سلسلي ۾ خاص ط??ر تي پاڪستان ۾ ترڪ ڪمپنين کي درپيش مسئل?? جي فوري حل جي خاطري ڪرائي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن مان فائدو کڻندي واپار ۽ اقتصادي حصيداري وڌائڻ لاءِ وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته آئنده ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪريو. هن ڪاروباري برادري کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ان موقعي تي ترڪ ڪمپني?? جي نمائندن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پنهنجي منصوبن جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستا?? جي ڪاروباري وفد سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي.