اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ترڪ سفير کي سفير طور پنهنجو مدو ڪاميابي س??ن پورو ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي سندس نئين ذميدارين جي حوالي س??ن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي س??ن ترڪ سفير مصطفيٰ يرداڪل پارليامينٽ هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به ملاقات ۾ موجود هو، صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي س??راهيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفي لاڳاپا ??ڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، صادق سنجراڻي چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو، ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ترڪ سفير جي ڪوششن کي س??راهيندي چيو ته ترڪي پاڪستان جي دلين ۾ ڀائر ملڪ جي حي??يت سان هڪ خصوصي مقام رکي ٿو، هن چيو ته عوامي س??ح تي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ترڪي جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ??لڪ ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندا.