قلعه سيف الله – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي سروي ڪن، متاثرين کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن اها هدايت خوشنوب خيما بستيءَ جي دوري دوران ڏني. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، هائوسنگ وارو وفاقي ??زير مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي ??زير شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي ??زير اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به وز??را??ظم سان گڏ هو. وز??را??ظم کي اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، باغن، روڊن ۽ ننڍن ڊيمن کي ٿيندڙ نقصانن، ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته لسٻيلا، ڪيچ، ڪوئيٽا، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته زوب ڊويزن ۾ ماڻهن جو اڪثر دارومدار زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ تي آهي، اتي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اٽڪل 10 هزار ڊيمن ۽ ماڻهن کي نقصان پهتو آهي. صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٿيندڙ نقصانن جي انگن اکرن کي گڏ ڪيو پيو وڃي جنهن جي بنياد تي بحالي جي سرگرمين کي اڳتي وڌايو ويندو. بيمارين کي روڪڻ ۽ مريضن جي علاج جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳايون ويون آهن جتي ماڻهن کي علاج جي بهترين سهولتن کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ويٽرنري اسپتالن جو به انتظام ڪيو ويو آهي. ماڻهن تائين روزاني جي استعمال جون شيون ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وز??را??ظم اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي عملدارن کان نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين بابت معلومات ورتي. لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي کاتن پاران متاثرين جي امداد لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ پاڪ فوج ۽ ايف سي جي اهلڪارن ڀرپور مدد ڪئي آهي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته متاثرين جي هر طرح سان دادرسيءَ ڪئي وڃي ۽ انهن کي رهائش، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون پهچايون وڃن. وز??را??ظم خيما بستيءَ ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپ جو به دورو ڪيو ۽ اتي ماڻهن کان علاج جي سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو.