اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمر??ڪي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمر??ڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن لي وفد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پ??ڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق آمر??ڪي وفد کي ٻوڏ مت??ثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت مت??ثرن جي بحالي لاءِ گهربل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد مت??ثر ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جا ڏاکڻا علائقا اڃا به پ??ڻي هيٺ آهن، ج??ڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته پ??ڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان هيلٿ ??يمرجنسي طرف وڃي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي. ان موقعي تي آمر??ڪي وفد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سانوڻي جي تباهڪارين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو.